پوليس موبائل ۾ اغوا ڪيل مغوي پوليس بازياب ڪرائي ورتا

عادلپور(اسلم آزاد) ڳوٺ ميرڻ دڙو وٽان رات دير سان مبينا طور اغوا ٿيل خدا بخش ڪلوڙ ۽ نبي بخش ورند کي  خيرپور پوليس ناڪابندي دوران بازياب ڪرائي ورتو ۽ جوابدارن کي عادلپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان عادلپور پوليس  جو چوڻ آھي ته  رات جو دير سان خدا بخش ڪلوڙ ۽ نبي بخش اغوا ٿي ويا ھئا، اطلاع کان پوءِ ڪنٽرول روم  ذريعي ناڪا بندي ڪرائي ته خيرپور شاھ حسين  باء پاس وٽ ھڪ پوليس جي سرڪاري موبائل مان مغوين کي بازياب ڪرائي ٽن جوابدارن رضوان ڪلوڙ نبيل ڪلوڙ ۽ سجاد سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته  رضوان ڪلوڙ جو والد آء جي آفيس ڪراچي ۾ ملازم آھي ۽ بازياب ٿيل مغوي خدا بخش ڪلوڙ سان زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو  ۽ سرڪاري موبائل به ان کي مليل آھي جيڪا ڏوھ ۾ استعمال ڪئي وئي آھي ,مغوين جي بازيابي  تي ڪلوڙ برادري جي ماڻھن خوشي جو اظھار ڪيو جڏھن ته  شاھ حسين خيرپور  ٿاڻي جي ايس ايڇ او  ابوبڪر گبول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  ڊي آء جي ڪنٽرول روم تان  اطلاع تي پوليس موبائل  مان  مغوي  ۽ ٽن  جوابدارن کي موقعي تي گرفتار  ڪري عادلپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جوڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو. اغوا ۾ استعمال ٿيل پوليس موبائل به هث ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو