پوليس طلبي کي شيخ رشيد چئلينج ڪري ڇڏيو

پوليس طلبي کي شيخ رشيد چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پوليس طلبي جو نوٽيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.شيخ رشيد درخواست داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو، جتي هن پنهنجو بائيو ميٽرڪ جمع ڪرايو ۽ ابپارا پوليس اسٽيشن جي طلبي کي چئلينج ڪيو.هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ابپارا پوليس اسٽيشن جي نوٽيس کي غير قانوني قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.شيخ رشيد جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٺا ۽ انتظار حسين پنجوٺو جي ذريعي درخواست داخل ڪئي آهي.شيخ رشيد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته کيس وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کان ڌمڪيون ملي رهيون آهن.درخواست ۾ شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پوليس کي ايف آءِ آر کان اڳ اهڙو نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، پوليس نوٽيس غير قانوني طور جاري ڪيو.شيخ رشيد طرفان داخل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته پوليس نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏئي پوليس کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.شيخ رشيد درخواست ۾ مدعي، ايس ايڇ او ۽ آءِ جي کي ڌر بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو