پوليس خلاف درگاهه مشوري شريف جي عقيدتمندن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

پوليس خلاف درگاهه مشوري شريف جي عقيدتمندن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

نئون ديرو (ن س)نئون ديرو ۾ قاسميه جماعت ۽ درگاهه مشوري شريف جي عقيدتمندن پاران باقراڻي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو. باب ذوالفقار وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جتي مظاهرين محمد بخش جروار، بشير احمد جروار، اصغر خاصخيلي، زبير جروار، عامر چنه، جاويد جروار جو چوڻ هو ته وڌو لاشاري واسي راجو لاشاري ۽ قربان لاشاري وارن لٺبردار ٿي درگاهه جي رضاڪارن تي حملو ڪري 5 رضاڪارن کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود به پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ وڌايو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو