پوليس جي  ڪاروائي،6 دهشتگرد گرفتار

پوليس جي ڪاروائي،6 دهشتگرد گرفتار

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) لاڙڪاڻو پوليس پاران نصيرآباد روڊ تي وڏو آپريشن ڪيو ويو 06 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا 02 دستي بم ۽ 04 پستول هٿ. گرفتار جوابدارن جو تعلق ڪالعدم تنظيم ايس آر اي سان آهي. گرفتار جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران 15-4-2022 تي رشيد واگن ايريا ٿاڻي جي حد ڳوٺ هود ڀائي خان ڀرسان بجلي جي پول کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ فراز احمد جلباڻي، محمد حنيف جلباڻي، فرحان جتوئي، زبير جلباڻي ۽ امتياز جلباڻي شامل آهن. جوابدارن جو تعلق ايس آر اي جي اصغر شاهه گروپ سان آهي. گرفتار جوابدارن کان ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ سميت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جناب سرفراز نواز صاحب پاور پول ڪراس ٿيڻ واري دهشتگرديءَ واري واقعي جو پتو لڳائڻ ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم کي انعامن جا آرڊر جاري ڪيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو