پوليس جي چڙهائي پيرسن پٽ سميت کنڀجي ويو، احتجاج

پوليس جي چڙهائي پيرسن پٽ سميت کنڀجي ويو، احتجاج

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )گھوٽڪي پوليس ڪشمور ۾ ڇاپو هڻي ٻن شھرين کي کنڀي وئي. حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ بنا گھر تي چڙھائي ڪري پيرسن ۽ سندس نوجوان پٽ کي گرفتار ڪري ويا. ذوالفقار شاھ پاڙي ۾ شر برادري جي گھرن مٿان گھوٽڪي پوليس چڙھائي ڪري ڪاروائي ڪئي. متاثر ڌر شر برادري پاران ڊسٽرڪٽ  پريس ڪلب ڪشمور اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو . دين محمد شر, شبير احمد شر, مختيار احمد شر, ياسين شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي جي رونتي ۽ کنڀڙا ٿاڻي جي پوليس اٽالن رات جي اونداهي ۾ ڌاڙيلن جيان اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ کانپوءّ هڪ پيرسن مولانا رشيد احمد شر ۽ هڪ نوجوان عبدالحڪيم شر کي کنڀي کڻي ويا. اسان جي ماڻھن تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل ناهي.هنن اعليٰ اختيارين کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار حسين جتوئي ٻڌايو ته گھوٽڪي پوليس ڪشمور ٿاڻي تي ڪا به انٽري ناھي ڪرائي ۽ اسان کي ان بابت ڪا به ڄاڻ ناھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو