ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ 8 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر، پوليس اهلڪار نبي داد منگي، غلام سرور چاچڙ جي بازيابي لاءِ وارثن اظھر خان مھر، محمد مراد مھر، ميا داد منگي، محمد نواز منگي جي اڳوڻي ۾ سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ھن موقعي تي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ 8 ڏينهن گذري چڪا آهن اڃا تائين اسان ڀاءُ انسپيڪٽر گل محمد مھر ساٿين سميت اڃا تائين بازياب نه ٿيو آهي، ھنن چيو ته گل محمد مھر ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او پڻ آهي ھن کي پوليس انتظاميه اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ھنن چيو ته اسان جي گھرن ۾ انتهائي پريشاني وارو منظر پڻ آهي، ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي عرفان علي سمون کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته انسپيڪٽر گل محمد مھر کي ساٿين سميت بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










