اوٻاوڙو( ايم بچل گهنڃو) گهوٽڪي ضلعي جون اڪثر پوليس اسٽيشن عمارتون زبون حالي جو شڪار بڻيل، انتظاميا خبر هوندي به بي خبر بڻيل. پوليس اسٽيشن وسطي جيوڻ شاهه ايٽ راونتي، پي ايس ٻيلو ميرپور، پي ايس آندل سندراڻي، پوليس چوڪي چڪ شهبازپور، ڊي ايس پي آفيس راونتي، پي ايس ريتي ۽ ٻيون ڪيتريون پوليس اسٽيشنون توڙي چوڪين جون عمارتون زبون حالي جو شڪار بڻجي ويون آهن. جڏھن ته پراڻي زماني جي عمارتن جو سالن کان مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن سردي جي موسم توڙي بارشن جي سيزن ۾ مقرر اهلڪار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل ٿاڻن ۾ مقرر عملي لاءِ صاف پاڻي توڙي واش روم جهڙيون سهولتون نه هجڻ ڪري مقرر پوليس اهلڪارن جا سور ٻيڻا ٿي ويا آهن.










