پهرين پاڪستاني جا انسٽاگرام تي 50 لک پرستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب اداڪارا ماهرا خان جي وڌندڙ مقبوليت جو اندازو سماجي رابطن جي کاتن مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن کي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مداحن جي وڏي تعداد فالو ڪري رهي آهي. ماهرا خان پاڪستان جي اها پهرئين نامور شخصيت بڻجي چڪي آھي جنهن کي انسٽاگرام تي 50 لک مداح فالو ڪري رهيا آهن. ماهرا خان جا مداح صرف پاڪستان نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آھن .هلندڙ سال پئرس فيشن ويڪ ۾ جلوه ڏيکاريندي ماهرا خان پنهنجي من موهيندڙ انداز ذريعي هر ڪنهن جي دل تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. ماهرا خان جي ڪامياب ٿيڻ جو سبب ان جو ڊرامو ”ھمسفر“ بڻيو جنهن جون هدايتون سرمد کوسٽ ڏنيون هيون.  ان ڊرامي ۾ ماهرا سان گڏ فواد خان اهم ڪردار نڀايو ، هي ڊرامو نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به ڪامياب ٿيو هو. جنهن کان پوء ماهرا خان کي باليوڊ بادشاه شاه رخ خان سان گڏ فلم رئيس ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ماهرا خان ”بن روئي“ ”منٽو“ ”ھومن جهان“ ”ورنه“ ”سات دن محبت ان“ ۽ ”سپر اسٽار“ جھڙين فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آھي ان جي فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو به مداحن کي بي صبري سان انتظار آھي. واضع رهي ته جتي ماهرا خان کي انسٽا گرام تي 50 لک  کان مٿي مداح فالو ڪن پيا اتي اداڪارا ايمن خان ۽ سجل علي به ان ڊوڙ ۾ گھڻو پوئتي ناهن ايمن خان جي اڪاؤنٽ کي هينئر تائين 47 لک کان وڌيڪ مداح فالو ڪري چڪا آھن جڏهن ته سجل علي جي اڪاؤنٽ کي 42 لک مداح فالو ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو