5
هيوسٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ گروپ ڪي ۾ پرتگال ۽ ازبڪستان ۾ عالمي فٽبال ڪپ جو ميچ کيڏيو ويو. پهرين هاف ۾ رونالڊو 2 گول ڪيا. هڪ فري ڪڪ ۽ ٻيو فرنانڊس جي پاس تي ڪيو. هو هيٽ ٽرڪ ڪندي ڪندي رهجي ويو. پرتگال پاران ٽيون گول نونو مينديز فري ڪڪ تي ڪيو. بال گولي جيان کاٻي پاسي گول ۾ ويو. وقفي بعد ٻيو هاف شرو ٿيو ته پرتگال جي ٽيم فاتحانه انداز ۾ ميدان ۾ آئي. ازبڪستان تبديلون ڪندو رهيو پر رونالڊو جي ٽيم هاوي نظر آئي. ٻئي هاف ۾ ازبڪستان خوب گول تي حملا ڪيا پر گول نه ڪري سگهيا. ان دوران فرنانڊس جي ڪارنر ڪڪ تي پرتگالي نوجوان رانديگر جوئي فيلڪس جي بال کي کڙي لڳي پر بال ازبڪ پليئر خوسانوف جي ٽچ بعد دول ٿيو۽ ازبڪستان خلاف پنهنجو ئي گول ٿي ويو، پرتگال کي زيرو جي ڀيٽ ۾ 4 گول جي برتري حاصل ٿي وئي. 87 هين منٽ رافالياهو پنجون گول ڪري پرتگال کي ناقابل شڪست بڻايو. رونالڊو کي پنج چانس مليا هيٽ ٽرڪ جا پر بدقسمت ثابت ٿيو.










