ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پهرين مرحلي ۾ سنڌ ڪابينا جي 9 وزيرن حلف کڻي ورتو سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري نون صوبائي وزيرن کان حلف ورتو، وڏي وزير جي ترجمان موجب سيد مراد علي شاهه حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، حلف کڻندڙن ۾ شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، سردار محمد بخش خان مهر ۽ علي حسن زرداري شامل آهن. سيد ذوالفقار علي شاهه اسلام آباد مان ڪراچي نه پهچي سگهيو جنهن ڪري هو حلف نه کڻي سگهيو. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم وزيرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو، ترجمان موجب سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير حلف کڻندڙ وزيرن کي مبارڪباد ڏني، چيف سيڪريٽري سنڌ جي وڏي وزير جي سفارش تي 3 صلاحڪارن جو اعلان ڪيو، صلاحڪارن ۾ بابل ڀيو، احسان مزاري ۽ نجمي عالم شامل آهن. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب اطلاعات جو کاتو ڪنهن کي ناهي مليو.










