پهرين مرحلي ۾ عوام پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو:ترجمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان سنڌ حڪومت ۽ صلاحڪار قانون بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته صوبائي اليڪشن ڪميشن پاران نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کي پهرين مرحلي جي اليڪشن ۾ عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو هاڻي اهو ڪاميابي جو تسلسل حيدرآباد ڊويزن ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ پڻ جاري رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ پهريون دفعو واضح برتري ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ به پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل ٿي آهي. ڪراچي جي عوام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ عوام ڌرڻن جي سياست ختم ڪندي مثبت قدمن کي ڏٺو. بلاول ڀٽو زرداري جڏهن کان پارليماني سياست جي شروعات ڪئي تڏهن کان ئي مسئلن جي نشاهدهي ۽ ان جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، انهن کي ايترو چوندم ته ماڻهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي طرف اميد ڏٺي آهي. بلديه ٽائون ۽ ملير ۾ جڏهن اليڪشن ٿيا ته عوام پيپلز پارٽي جي حق ۾ فيصلو ڪيو ماڻهن تعميري سياست ۽ ترقي کي ووٽ ڏنو. ڪراچي ۾ پهريون دفعو ٽرانسپورٽ جو مسئلو سنجيدگي سان حل ڪيو پيو وڃي ۽ هي فرضي ناهي بلڪي عملي طور تي نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس جي شروعات هن شهر مان ڪئي وئي. 1122 جي سروس جي شروعات کي ڏٺو ماڻهن ۽ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو. ماڻهن اين آئي سي وي ڊي کي ڪم ڪندي ڏٺو ۽ ان کي سرهايو. اين آئي سي وي ڊي ۾ پوڻا ٽي لک مريضن جو مفت علاج ٿيو. ريڊ لائن ماس ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ جي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ جيڪڏهن هن وقت ڪوئي ڪم ڪري رهيو آهي ته اهو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جماعت ڪرائي رهي آهي. ڪيماڙي ضلعي ۾ اربين روپين جي ترقياتي ڪم ڪرايا. ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۽ ڪيماڙي ضلعي ۾ اسان گڏيل طور تي ڏسون ته جتان کان مزدور به ڪم ڪندو آهي اتي 31 ننڍا وڏا روڊ ٺاهيا. ضلعي ويسٽ ۾ قائم يوسف ڳوٺ ۾ شديد برسات ۾ به هاڻي اهڙي تباهي ناهي ٿي. ڪورنگي ۾ 8 هزار، 12 هزار روڊ ٺاهيا. گلستان جوهر ۾ سنڌ حڪومت آٽزم اسڪول قائم ڪيو اهو ڪم ماڻهن ڏٺو. ملير ابراهيم حيدري ۾ فشرمين چورنگي کان وٺي ڪري روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي. ماهيگيرن وٺ سهولتون نه هيون اتي گرائونڊ ٺاهيا.هن چيو تههي شهر سڀني جو آهي، ملير ايڪسپريس وي جو منصوبو شهر لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهو منصوبو 29 ارب جي لاڳت سان ٺاهيو پيو وڃي.سال 2023 جي پهرين ڏينهن تي سنڌ جي وڏي وزير سائيٽ جو دورو ڪيو.جوهر چورنگي فلائي اوور کي اپريل جي وچ ۾ عوام لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي انهن سمورن ڪمن جي ڪري ووٽ مليا آهن، ڇاڪاڻ ته عوام کي فرق ۽ ورهائڻ جي سياست نٿيکپي. جيڪي نتيجا آيا آهن ان تي مان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جو شڪر گذار آهيان. ماڻهن اسان جي ڪم کي ساراهيو. اسان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون هڪ پيج تي هجن ته حالتون بهتر ٿينديون. هاڻيٻنهيڪائونسلن جي قيادت جيالا ڪندا ته جيئن ترقي جو تسلسل جاري رهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو چئي چڪا آهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئر جيالو هوندو.هاڻي نتيجا به سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ پيپلز پارٽي کي واضح برتري حاصل آهي، جڏهن ته ڪراچي شهر جا 6 نتيجا اڃا باقي آهن. هن چيو تهپيپلز پارٽي هن وقت واحد وڏي پارٽي آهي. هن شهر ۾ اسان هميشه تنقيد ڪندي آيا آهيون، اسان کي هڙتالون،بدمعاشي، ڀتو نٿو کپي. هن بدلجندڙڪراچي ماڻهن کي سٺو ٿو لڳي.جنهن طرح اسان دهشتگردي تي اسان ضابطو آندو، اسٽريٽڪرائم تي به جلد ڪنٽرولڪيو ويندو. سوالن جا جواب ڏيندي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته آئيني فيصلا آئيني ادارن کي ڪرڻا آهن. اسان مڪاني ادارن جون چونڊون منسوخ ڪيون پر اليڪشنڪميشن قبول نه ڪيو. ان نوٽيفڪيشن جو فيصلو آئيني ادارن کي ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ اسان چونڊونڪرايون، تڏهن به خراب آهيون جڏهن ناهن ڪرايون ته تڏهن به خراب آهيون. ڪم ڪرائيندا آهيون ته تڏهن به خراب آهيون. هن چيو ته مان سختي سان هن ڳالهه کي انڪار ڪيان ٿو ته جيڪي ماڻهو ماضي ۾ چوندا هئا ته سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو ڪيو وڃي ان طرح جو ماڻهن شوشو ڇڏيو آهي ته ڪراچي ون ۽ ڪراچي ٽو ٺاهيو وڃي جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو