اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اوورسيز پاڪستانين بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، جيڪو آغا رفيع الله جي صدارت هيٺ اربع ڏينهن ٿيو، ان کي آگاهه ڪيو ويو ته هن سال پاڪستاني هوائي اڏن تي اميگريشن جاچ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب 51 هزار مسافر آف لوڊ ڪيا ويا، جن مان وڏي انگ کي لاهور ۽ ڪراچي هوائي اڏن تان آف لوڊ ڪيو ويو.
گذريل ڪجهه مهينن دوران مختلف هوائي اڏن تي اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جتي صحيح سفري دستاويزن هوندي به مسافرن کي پروازن تان لاٿو ويو. اهي ڪارروايون 2024 ۾ يونان ٻيڙي حادثي کان پوءِ انساني اسمگلنگ خلاف شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ڪيون ويون، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني حياتيون وڃائي ويٺا هئا.
وزيراعظم شهباز شريف پڻ بين الاقوامي پروازن تان مسافرن جي بار بار آف لوڊ ٿيڻ جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. رپورٽن موجب، هي مسئلو ڪيترن ئي مسافرن کي متاثر ڪري چڪو آهي، جيتوڻيڪ انهن وٽ صحيح دستاويز موجود هئا.
فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رفعت مختار راجا ڪميٽي کي ٻڌايو ته، “مسافرن کي دستاويزن جي تصديق، ڊيٽا چيڪ ۽ آن لائين آٿنٽيڪيشن جي بنياد تي آف لوڊ ڪيو وڃي ٿو.”
راجا پارلياماني ڪميٽي کي ٻڌايو ته هن سال آف لوڊ ڪيل 66 هزار مسافرن مان 51 هزار کي ايف آءِ اي ناڪافي يا غيرتصديق ٿيل دستاويزن سبب روڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته آف لوڊ ڪيل ڪيترن مسافرن وٽ پنهنجن ڪورسن، يونيورسٽين يا پرڏيهه ۾ نوڪري بابت مڪمل ڄاڻ موجود نه هئي.
“ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مسافر ايجنٽن ذريعي نامڪمل يا غلط ڄاڻ استعمال ڪري سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،” ڊي جي ايف آءِ اي وڌيڪ چيو.
ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪرپشن ۾ ملوث 180 ايف آءِ اي عملدارن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀني وڏن هوائي اڏن کي نادرا جي آن لائين ڊيٽابيس سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن اميگريشن ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. “ڪو به مسافر سياسي اثر يا وي آءِ پي دٻاءَ هيٺ ڪليئر نه ڪيو ويو،” هن زور ڏنو.
عملدارن ٻڌايو ته هوائي اڏن تي اميگريشن ڪائونٽرن تي ڪيمرا لڳايا ويا آهن ۽ ڪنٽرول هيڊڪوارٽر مان نگراني ڪئي پئي وڃي. “اميگريشن سسٽم شڪي ڪيسن جي اڳواٽ سڃاڻپ لاءِ مصنوعي ذهانت (AI) استعمال ڪري رهيو آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته گهڻا آف لوڊ ڪيل مسافر وزٽ، عمرو ۽ ورڪ ويزا ڪيٽيگريز سان لاڳاپيل هئا. موجوده سال دوران پاڪستان مان 85 لک ماڻهو پرڏيهه ويا، جڏهن ته مختلف ڏوهن بابت 226 ڪيس داخل ڪيا ويا. “گذريل ٽن مهينن دوران 450 ماڻهن کي ايران ۾ غيرقانوني طريقي سان داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو،” ڊي جي ايف آءِ اي ڪميٽي کي ٻڌايو.
هن اهو به ظاهر ڪيو ته ڪيترائي بنگلاديشي شهري پاڪستان وسيلي يورپ غيرقانوني طور وڃڻ جي ڪوشش ڪندي پڪڙيا ويا. “پاڪستاني سياحتي ويزا تي سفر ڪندڙ بنگلاديشي شهرين کي يورپ ويندي پڪڙيو ويو.” هن وڌيڪ چيو ته جعلي دستاويزن جي استعمال سبب گذريل سال 287 ۽ هن سال 170 ماڻهن کي ملڪ بدر ڪيو ويو.
پارلياماني ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته هن سال سعودي عرب مان 24 هزار پينو فقيرن کي پنڻ جي الزام هيٺ ماڻهن کي ڊيپورٽ ڪيو ويو. 6 هزار کان مٿي گڏيل عرب امارات ۽ 2 هزار آزر بائيجان مان پنڻ جي الزام هيٺ ڊيپورٽ ڪيا ويا آهن.
اوورسيز پاڪستانين واري وزارت جي سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري ڪميٽي کي ٻڌايو ته سعودي ويزن 2030 تحت سعودي عرب ۾ هڪ ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا.
“جيڪڏهن اسين ماهر افرادي قوت کي بهتر تربيت ڏئي سگهون ته پاڪستان انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو،” هن چيو.
سيڪريٽري ٻڌايو ته گذريل سال 4 لک 51 هزار پاڪستاني سعودي عرب ويا، جڏهن ته موجوده سال دوران 5 لک کان وڌيڪ پاڪستانين کي سعودي عرب موڪليو ويو آهي.
ڪميٽي جي چيئرمين آغا رفيع الله چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن “بلڪل به صحيح نموني ڪم نٿي ڪري”، ۽ اتي مقرر آفيسر مستقل حل ڪرڻ بدران عارضي بندوبست ڪري رهيا آهن.
ڪميٽي ميمبر محمد الياس چوڌري چيو ته ڪميونٽي ويلفيئر اٽيشيز کي ڊرائيور مهيا ڪيا ويا آهن، ۽ سوال اٿاريو ته يورپ ۾ گريڊ 17–18 جي آفيسرن کي ڊرائيور ڪيئن ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته “50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪميونٽي ويلفيئر اٽيچيز کي ڊرائيور ڏنا ويا آهن”، ۽ پڇيو ته ڇا وزارت کي يورپ ۾ گريڊ 17 جي آفيسر لاءِ ڊرائيور رکڻ جي خرچ بابت ڄاڻ آهي يا نه.
ڪميونٽي ويلفيئر اٽيچيز اوورسيز پاڪستانين واري وزارت جا عملدار هوندا آهن، جيڪي پرڏيهه ۾ مقرر ٿي پاڪستاني مهاجر مزدورن جي مدد، انهن جي مفادن جي حفاظت ۽ قانوني يا مالي تحفظ فراهم ڪندا آهن.










