پنڊيز کي 108 رنز تان شڪست، حيدرآباد ٽاپ فور ۾ شامل، لاهور آئوٽ

پنڊيز کي 108 رنز تان شڪست، حيدرآباد ٽاپ فور ۾ شامل، لاهور آئوٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنڊيز جي پوري ٽيم 17.1 اوور ۾ 136 رنز تي ڍير ٿي وئي. حيدرآباد 108 رنز تان پنڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي. حيدرآباد گهربل رن ريٽ کان به مٿي رن ريٽ حاصل ڪري ٽاپ فور ۾ پهچي وئي آهي ۽ لاهور جيڪا دفاعي چيمپئن ٽيم آهي، ٽاپ فور مان آئوٽ ٿي وئي آهي. هاڻي پشاور، ملتان، اسلام آباد ۽ حيدرآباد ٽاپ فور ۾ شامل آهن، لاهور، ڪراچي، ڪوئٽا ۽ پنڊيز ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويون آهن. پنڊيز جي طرفان شاهزيب خان هڪ رن، رضوان 26، سيم بلنگز 23، فوريسٽ 6، سعد مسعود 5، عماد بٽ 3، محمد عامر زيرو، آصف آفريدي3 ۽ بين سيئرز ز3يرو تي آئوٽ ٿيا، عثمان خواجا 66 تي ناٽ آئوٽ رهيو.حنين شاهه 4، عاقف جاويد 3، محمد علي ۽ ميڪسويل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. حيدرآباد جي ٽيم 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 12 ڇڪن ۽ 25 چوڪن جي مدد سان 244 رنز ٺاهيون. جيڪڏهن حيدرآباد پنڊيز کي 158 رنز جي اندر آئوٽ ڪيو ته پوءِ ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿي. ٻئي صورت ۾ لاهور ٽاپ فور ۾ رهندي. پنڊيز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگزمين کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. معاذ صداقت ۽ مارنس لبوشين اننگ شروع ڪئي، آصف آفريدي جي پهرين اوور جي پهرين بال تي معاذ چوڪو هنيو ٻئي بال تي فوريسٽر سندس آسان ڪيچ ڊراپ ڪيو. بين سيئرز ٻيو اوور ڪرايو ۽ ان جي پهرين ئي بال تي لبوشين 5 رنس ٺاهي بولڊ ٿي ويو. عثمان خان آيو ساڳئي اوور ۾ سندس آسان ڪيچ محمد عامر ڊراپ ڪيو. عامر جي اوور ۾ 21 رنز ٺهيون، 5 اوورن ۾ 64 رنز ٺهي ويون، رضوان اسپنر عماد بٽ کي آندو جنهن پهرين ئي بال تي خطري جي گهنٽي وڄائيندڙ معاذ صداقت کي ڪيپر هٿا ڪيچ ڪرايو.هن 11 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 28 رنز ٺاهيون. صائم ايوب 12 رنس ٺاهي آصف آفريدي جي بال تي فوريسٽر هٿان ڪيچ ٿيو.عثمان خان 24 بالن تي 53 رنز ٺاهي ڇڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ ايندڙ بال تي آئوٽ ٿيو، سعد مسعود جي بال تيسيم بلنگز هٿان ڪيچ ٿيو، عرفان نيازي آيو جيڪو پڻ ٻئي بال تي فوريسٽر هٿان ڪيچ ٿي ويو ۽ سعد مسعود هيٽ ٽرڪ تي هو پر ڪو نه ڪري سگهيو. 14 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حيدرآباد 169 رنز ٺاهي چڪي هئي. 30 بالن تي 5و رنز جي پارٽنرشپ ميڪسويل ۽ ڪسال پريرا ۾ ٿي چڪي هئي. محمد عامر ٽيم جو 17 هون ۽ پنهنجو آخري اوور ڪرايو جنهن ۾ کيس 4 چوڪا لڳا هن 4 اوورن ۾ 57 رنز ڏنيون ۽ وڪيٽ به نه مليس، حيدرآباد 200 جو انگ به پار ڪيو. 18 هين اوور ۾ 11 رنز ٺهيا ميڪسويل 31 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. آخري اوور جي پهرين بال تي رن آئوٽ ٿي ويو .ميڪسويل 37 بالن تي 70 رنز ٺاهيون ڪسال پريرا 30 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي حسان خان 4 بال کيڏيا، هڪ مس ڪيو 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو. حيدرآباد 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنز اسڪور ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو