ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ’پنڊورا پيپرز‘ جاري ٿي ويا جن ۾ 700 کان مٿي پاڪستانين جا نالا شامل آهن جن آف شور ڪمپنيون ٺاهيون ۽ پنهنجي دولت انهن ۾ رکي ۽ ڪيترن ماڻهن اهي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر ناهن ڪيون.
جن جا نالا آهن تن ۾ شرجيل انعام ميمڻ، عليم خان،خسرو بختيار، وقار مسعود، ايگزيٽ واري شعيب شيخ، شوڪت ترين، مونس الاهي، فيصل وواڊا، اسحاق ڊار جي پٽ سميت مختلف ڪاروباري شخصييتن، رٽائرڊ فوجين ۽ ڪامورن جا نالا به شامل آهن.










