پنهنجي مدد پاڻ تحت برادري جي ماڻھن جي مدد ڪبي؛ڊاڪٽر زڪريا ڪانڌڙو

پنهنجي مدد پاڻ تحت برادري جي ماڻھن جي مدد ڪبي؛ڊاڪٽر زڪريا ڪانڌڙو

ڪراچي (رپورٽر) پنهنجي مدد پاڻ تحت برادري جي ماڻھن جي مدد ڪبي, ڊاڪٽر زڪريا ڪانڌڙو انڌڙا برادري جي نوجوانن جا تعليم ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ لاء فنڊ گڏ ڪيون پيا منظورحسين ڪانڌڙو برادري جي نوجوان جي اردو يونيوسٽي ۾ تعليمي سلسلي ۾ مدد ڪري سگهان ٿو. پروفيسر حنيف ڪانڌڙو فصيل موجب ڪانڌڙا اتحاد ويلفيئر سنڌ پهرين سالگره جي موقعي ڪانڌڙا اتحاد ڪراچي ڊويزن پاران زونل آفيس ايڊيڪيئر سينٽر تي مختصر پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان انٽرنيشنل سطح تي ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم النجات ويلفيئر سوسائٽي جو صدر ڊاڪٽر ايم ذڪريا ڪانڌڙو هو جڏھن ته اردو يونيورسٽي ڪراچي جو پروفيسر محمد حنيف ڪانڌڙو اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب خاص مهمان ڊاڪٽر زڪريا ڪانڌڙو چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪانڌڙا برادري جي ماڻھن جي مختلف جائز مسئلن ۾ مدد ڪرڻ گهرجي خاص طور تي برادري جي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش مند نوجوان ڇوڪرن توڙي نياڻين جي تعليمي خرچ ۾ مدد ڪبي, پروفيسر محمد حنيف ڪانڌڙو چيو ته برادري جو جيڪو ماڻھون جنهن شعبي ۾ ڪم ڪري ٿو ان کي گهرجي ته اهو ان شعبي ۾ برادري جي ماڻھن مدد ڪري, هن چيوته مان وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھيان ۽ برادري جي نوجوان ڇوڪرن ۽ نياڻين جي اردو يونيوسٽي اندر تعليمي سلسلي ۾ مدد ڪري سگهان ٿو.ان موقعي تي تقريب کي ذوالفقارڪانڌڙو, بدرالحق ڪانڌڙو, مٺل ڪانڌڙو, اعظم ڪانڌڙو, اڪرم ڪانڌڙو, ذاڪر ڪانڌڙو, زڪريا علي ڪانڌڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خاص طور تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ڪانڌڙس برادري جي ماڻھن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيا آھيون ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ بعد افتار ڊنر به ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو