پنجاب ۾ ڌنڌ جو راڄ برقرار، اسڪول ۽ موٽر وي بند، اڏامون متاثر

پنجاب ۾ ڌنڌ جو راڄ برقرار، اسڪول ۽ موٽر وي بند، اڏامون متاثر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ سخت فضائي لودگي سبب ڌنڌ جو راڄ برقرار آهي، پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول 17 نومبر تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳ ۾ رڳو 8 ضلعن ۾ اسڪول بند ڪيا ويا هئا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ آن لائن ٽيوشن سينٽرن کي ڪم ڪرن جي اجازت هوندي. پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات چيو آهي ته هاڻي سڄي صوبي جا اسڪول بند رهندا. ڌنڌ سبب 10 کان مٿي اڏامن جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موٽر ويز جا پڻ ڪيترائي سيڪشن بند آهن. لاهور، ملتان، گجرانوالا ، فيصل آبد، راولپنڊي، سيالڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ماڻهو ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جي شڪايت ڪري رهيا آهن. رات 8 وڳي هوٽل ۽ بازارون بند ڪرڻ واري فيصلي تي عمل نه ٿي سگهيو. بهاولپور ۽ لوڌران سميت اڪثر شهرن ۾ ماڻهو ماسڪ پائڻ واري تجويز تي عمل نٿا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو