پنجاب ۾  ٽيڪس وصوليءَ لاءِ مانيٽرنگ جو فيصلو

پنجاب ۾ ٽيڪس وصوليءَ لاءِ مانيٽرنگ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت شادي هالز، مارڪيز، فارم هائوسز ۽ وڏين فوڊ چينز جي مانيٽرنگ لاءِ ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت ۾ پنجاب ريونيو بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شادي هالز، مارڪيز، فارم هائوسز ۽ وڏين فوڊ چينز جي مانيٽرنگ لاءِ ڪيمرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شادي هالز ۽ فوڊ چينز کان وٺي فارم هائوسز تائين هر ٽرانزيڪشن (پئسن جي مٽاسٽا) جو حساب ڪيو ويندو. وڏي وزير ٽيڪس وصولي ۽ سيڪٽرل ميپنگ جي هر هفتي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ڪيش اڪانومي (نقد رقم) مان ڊيجيٽل ادائيگين ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب جي ريونيو ڪليڪشن (ٽيڪس وصولي) ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ وصولي 250 ارب مان وڌي 346 ارب تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته مالي سال 2026-27 لاءِ 528 ارب روپين جو ريونيو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن دنيا ڪيش مان ڊيجيٽل ڏانهن وڃي سگهي ٿي ته پاڪستان ڇو نٿو وڃي سگهي؟ ٽيڪس چوري تي ”نو ٽالرنس“ (ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي)، ڪيمرا جي اک به ڏسندي ۽ ڊيجيٽل سسٽم به پڪڙيندو، جڏهن ته جڙتو (جعلي) رسيدون ڏيندڙن ۽ سيلز (وڪرو) لڪائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو