لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچايو ويو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ 11 سالن جو برسات جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ۽ سيالڪوٽ مڪمل طور تي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڻي نيڪال ٿي ويو.عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انتظاميا جي مدد لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قدم کنيا ويا آهن.هن چيو ته راوي درياءَ ۾ 38 سالن کان پوءِ ٻوڏ آئي آهي. قصور، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن جا علائقا ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن.










