پنجاب ۾ نمونيا سبب وڌيڪ 679 ٻارڙا مبتلا، 5 فوت

پنجاب ۾ نمونيا سبب وڌيڪ 679 ٻارڙا مبتلا، 5 فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 679 ٻارڙا نمونيا جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته نمونيا سبب 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا.پنجاب جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ 24 ڪلاڪن دوران نمونيا جا 156 ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 20 هزار 267 ٻار نمونيا سبب متاثر ٿيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي موجب پنجاب ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين نمونيا سبب 316 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو