لاهور: پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي سان، پوٺوهار علائقي ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) جي ترجمان موجب، مون سون جي ستين دور ۾ اڄ کان پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. برساتن جو هي سلسلو 23 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو.پي ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته راولپنڊي، مري، گليات، جهلم، چکوال ۽ اٽڪ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته لاهور، شيخوپوره، منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزير آباد، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال، جهنگ ۾ به تيز برساتن جو امڪان آهي. ان کان علاوه ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ننڪانه صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد، اوڪاڙه، قصور، خوشاب، سرگوڌا، ڀڪر، بهاولپور، ميانوالي، بهاولنگر، ڊي جي خان، ملتان، مظفر ڳڙهه، خانيوال، لوڌران، راجن پور، رحيم يار خان ۽ لياري ۾ به برسات جو امڪان آهي.










