پنجاب ۾ بجلي منصوبن لاءِ فرانس جو 60 ارب روپين جو قرض

پنجاب ۾ بجلي منصوبن لاءِ فرانس جو 60 ارب روپين جو قرض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فرانس پاڪستان کي بجلي جي ٽرانسميشن جي شعبي ۾ بهتري لاءِ 18 ڪروڙ يورو (60 ارب ڊالر) آسان قرض ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آهي. معاهدي تي ڊاڪٽر ڪاظم نياز، سيڪريٽري اقتصادي ڊويزن ڪاظم نياز، فرانس جي سفير مسٽر نڪولس گَيلي ۽ فرانس جي عالمي امدادي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر فلپ اسٽائيمنز Philippe Steinmetz صحيحيون ڪيون. هي رقم نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) ٽرانسميشن لائينز ۽ گرڊ اسٽيشنن جي منصوبن کي فنانس ڪرڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي. بجلي جا هي منصوبا پنجاب ۾ وهاڙي، عارف والا ۽ سيالڪوٽ جي شهرن جي ڀرپاسي ۾ آهن. هي نرم قرض NTDC کي ان جي ٽرانسميشن مينڊيٽ ۾ مدد ڏيندو ۽ پنجاب جي وڏن شهرن ۾ قابل اعتماد ۽ موثر بجلي فراهم ڪندو. فنڊنگ پاڪستان ۾ گرين انرجي جي منتقلي ۽ موثر بجلي جي ورڇ ۾ پڻ مدد ڪندي. اهڙا فائدا سستي ۽ گرين توانائي جي فراهمي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندا. هنن منصوبن سان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي به گھٽائي سگهبو جيڪو حڪومت پاڪستان جي پاليسين جي مطابق آهي. عارف والا جي علائقي ۾ نئين 220kV سب اسٽيشن جي تعمير ۽ 50km نئين 220kV ٽرانسميشن لائينن کي ميپڪو جي نئين سب اسٽيشن کي گرڊ سان ڳنڍيو ويندو. وهاڙي جي علائقي ۾ موجود 220kV سب اسٽيشن کي 500kV جي سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ 48km نئين 500kV ٽرانسميشن لائينن کي ان سان ڳنڍڻ. سب اسٽيشن MEPCO گرڊ سان ڳنڍبا. سيالڪوٽ جي علائقي ۾ نئين 500kV سب اسٽيشن جي تعمير ۽ 55km نئين 500kV ٽرانسميشن لائينن جي تعمير ۽ 36km نئين 220kV ٽرانسميشن لائينن کي ان سان ڳنڍڻ لاء. نئين سب اسٽيشن کي GEPCO گرڊ سان ڳنڍيو ويندو. فرانس جي ايمبيسي مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب گذريل سال جنيوا ۾ 9 جون تي منعقد ڪيل ڊونر ڪانفرنس ۾ اعلانيل مدد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. فرانس جي سرڪاري عالمي امدادي ايجنسيAFD 150 ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 5000 منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جتي اها صحت، تعليم ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ امن، حياتياتي تنوع ۽ مستحڪم آبهوا تي ڌيان سان گڏيل وسيلن جي حفاظت لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته گذريل سال برساتي ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ۽ تباهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿي هئي ۽ جنيوا ڊونر ڪانفرنس جو مقصد انهن علائقن جي تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحالي هو پر فرانس پنجاب جي انهن علائقن ۽ انهن منصوبن لاءِ فنڊنگ ڪئي آهي جن جو ٻوڏ سان ڪو تعلق ئي نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو