پنجاب پوليس پيپلز پارٽي جي کي نشانو بڻائي پئي: شيري رحمان

پنجاب پوليس پيپلز پارٽي جي کي نشانو بڻائي پئي: شيري رحمان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پنجاب پوليس پيپلز پارٽي کي نشانو بڻائي رهي آهي،هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته اين اي 127 لاهور ۾ پ پ جي نمائندن جي گرفتاري قابل مذمت آهي،بلاول ڀٽو زرداري هن تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي،هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي اليڪشن آفيس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو، پنجاب پوليس اسان جي نمائندن ۽ حمايتين کي گرفتار ڪري رهي آهي،پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيل شهزاد ۽ شهباز کي پوليس گرفتار ڪيو آهي،شيري رحمان جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن کان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ خديجه پروين کي به گذريل ڏينهن پنجاب پوليس گرفتار ڪيو هو،پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته شهزاد، شهباز ۽ خديجه پروين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پنجاب ۾ پوليس جي بربريت جو نوٽيس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو