لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي سنڌ جي خدشن تي غيرجانبدار امپائر جو مطالبو ڪيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي آبپاشي واري وزير محسن لغاري چيو ته دستياب پاڻي کي مناسب حڪمت عملي سان استعمال ڪرڻو آهي ۽ ارسا جو ڪم آهي ته پاڻي جي مقدار مطابق ان کي ورهايو وڃي.هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ماپ لاءِ هڪ نيوٽرل امپائر مقرر ڪيو وڃي ، انهن نقطن تي مانيٽر قائم ڪيا وڃن ، جتان پنجاب ۾ پاڻي ايندو ۽ ٻاهر ويندو آهي ۽ وفاق مان هڪ آزاد نمائندو مقرر ڪيو وڃي.جيڪو سنڌ يا پنجاب جو رهواسي نه هجي پر ڪنهن ٻئي علائقي جو هجي.صوبائي وزير چيو ته سنڌ غلط بياني ڪري رهيو آهي ، اسان جو سسٽم 2600 ميل ۽ سنڌ جو سسٽم 600 ميل آهي ، اهي سنڌ جي بي اعتمادي جي فضا کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا ، ان ڪري پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ غير جانبدار امپائر چاهين ٿا.هن چيو ته پاڻي جو وهڪرو گهٽ آهي جنهن جي ڪري پنجاب ۽ سنڌ پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن ، هن وقت سنڌ 17 سيڪڙو ۽ پنجاب کي 22 سيڪڙو پاڻي جي قلت آهي ، پنجاب حڪومت 13 ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.محسن لغاري وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ڪينالن ۾ 9 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿيو آهي ۽ 27 سيڪڙو سنڌ جي ڪينالن ۾ پاڻي ضايغ ٿيندو آهي جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف وزيراعظم پاڻي جي قلت جي مسئلي تي ٻيهر هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي ۽ ارسا آفيسرن کي به سنڌ صوبي جي شڪايتن تي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا عملدار به شرڪت ڪندا.










