اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان راولپنڊي، اٽڪ، سيالڪوٽ، خوشاب، جهلم ۽ ڏکڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ شخصيتن ملاقاتون ڪيون ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.زرداري هائوس اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري وفدن سان گفتگو ڪندي چيو ته پنهنجي علائقن ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، اسان عام چونڊن ۾ ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين.هن چيو ته اسان وٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو منشور آهي، اٽو، لٽو ۽ اجهو اسان جو منشور آهي، پ پ ملڪ مان غربت ختم ڪري خوشحالي آڻيندي.ملاقات دوران پير عباس محيءُ الدين پ پ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو، ملڪ رياست علي، زيلدار احسن شاهه، سيد ظهير شاهه، رفعت حيات خان، ملڪ عاقل علي خان، انس عزيز ۽ خواجا خان پ پ جي حمايت جو اعلان ڪيو، انهن اڳواڻن ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.ڊسڪا سيالڪوٽ مان اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم اعجاز احمد پ پ ۾ شموليت ڪئي، جهلم مان پي پي 25 جي اڳوڻي اميدوار راجا سفير به پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.جهلم سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي ملڪ جاويد ن ليگ ڇڏي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جهلم مان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اميدوار نذر اقبال به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي، پي پي 82 خوشاب مان اڳوڻو اميدوار ملڪ ذيشان اعواڻ ۽ اڳوڻو ايم پي اي چوڌري شوڪت به پ پ ۾ شامل ٿيو.س










