پنجاب مان غير قانوني پرڏيهي شهرين جي نيڪالي جاري

پنجاب مان غير قانوني پرڏيهي شهرين جي نيڪالي جاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب مان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، پنجاب پوليس هينئر تائين لاهور سميت سڄي پنجاب مان 36 هزار 545 افغانين سميت غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي ڊي پورٽ (ملڪ بدر) ڪري چڪي آهي، جڏهن ته 504 غير قانوني طور رهندڙ ماڻهو هولڊنگ پوائنٽس تي موجود آهن. ترجمان پنجاب پوليس ٻڌايو ته ڊي پورٽ ٿيندڙن ۾ 14 هزار 614 مرد، 7234 عورتون ۽ 14 هزار 697 ٻار شامل آهن، جڏهن ته ملڪ بدر ٿيلن ۾ رهائشي ثبوت رکندڙ 11124، افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ 11137 ۽ غير قانوني طور رهندڙ 14284 پرڏيهي شامل آهن. آئي جي پنجاب عبدالڪريم جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ سيڪيورٽي هائي الرٽ ڪئي وئي آهي ته جيئن سمورن غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نيڪالي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان علاوه پنجاب پوليس بين الاقوامي قوانين جي تحت غير قانوني طور رهندڙ شهرين جي نيڪالي واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو