لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب حڪومت کي هٽائڻ جون ڳالهيون (ن) ليگ جو فريب آهي، کين ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي.پرويز الاهي چيو ته هن 20 سالن تائين (ن) ليگ سان سياست ڪئي، (ن) ليگ وارا رڳو ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ ڄاڻن ٿا.راڻا ثناءُ الله جي حوالي سان هن چيو ته مون اهڙو ڪم پڪڙيو آهي ته راڻا ثناءُ الله کي عمر قيد جي سزا ڏني وڃي.هن سوال تي ته آصف زرداري جي طبيعت خراب آهي، توهان ان سان ڳالهايو؟ پرويز الاهي چيو ته آصف زرداري جا پنهنجا ڊاڪٽر ۽ اسپتالون آهن.ان کان علاوه وڏي وزير پنجاب احساس راشن رعايت پروگرام جو به افتتاح ڪيو.










