لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت مڪمل ڄاڻايل آدمشماري کي اوچتو اڻپورو قرار ڏئي وڌايل ڊيڊ لائين دوران 20 هزار بلاڪن ۾ آبادي وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي. پوري ملڪ ۾ هڪ لک 85 هزار کان وڌيڪ بلاڪ شامل هئا، ايڏي وڏي تعداد ۾ پنجاب ۾ مڪمل ڄاڻايل آبادي ۾ ٻيهر واڌ ڪرڻ سان پنجاب جي آبادي حد کان وڌي ويندي. پنجاب حڪومت اڱاري ڏينهن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو 15 مئي تائين مردم شماري جي ڪم تي ڌيان ڏين ته جيئن ڊيٽا جي مڪمل ڪوريج ۽ معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي هدايتون چيف سيڪريٽري ۽ چيف مردم شماري ڪمشنر ڊاڪٽر نعيم الظفر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڏنيون ويون. اجلاس ۾ صوبائي مردم شماري ڪمشنر علي بهادر قاضي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آدمشماري هڪ اهم قومي ذميواري آهي ۽ ڊيٽا جي درستگي وسيلن جي مختص ۽ مستقبل جي منصوبابندي لاء ضروري آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي شماريات بيورو پنجاب ۾ 20 هزار بلاڪن ۾ گهٽ ڳڻپ جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته انهن بلاڪن ۾ ڳڻپ جو ڪم 8 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنرن کي مردم شماري جي روزاني اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ انگ اکر کي گهٽ رپورٽ ڪندڙ ڳڻپ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ڊاڪٽر ظفر چيو ته آدمشماري جي تاريخ ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪئي وئي آهي ته جيئن جامع ڪوريج ۽ ڊيٽا جي معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. هن يقين ڏياريو ته ڊيٽا ۾ فرق کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊويزنل ڪمشنرن کي سموري ضروري معلومات فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ميمبر سپورٽ سروسز پي بي ايس سرور گوندل تفصيلي بريفنگ ڏني. هن مردم شماري ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ تي پنجاب حڪومت جي واکاڻ ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي مردم شماري سان لاڳاپيل شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪال سينٽر (UAN نمبر 0800-57574) قائم ڪرڻ بابت آگاهي ڏني. ياد رهي ته اڳ ۾ شماريات بيورو پنجاب ۾ آدمشماري کي مڪمل قرار ڏنو هو ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي فرمائش تي پنجون ڀيرو آخري تاريخ ۾ واڌ جو فائدو وٺندي پنجاب جي آبادي به وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي سڀ ڪجهه ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن سنڌ جي ٽن شهرن سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي کانسواءِ سڀني ضلعن ۾ وڌايل تاريخ دوران رهجي ويل علائقن جي ڳڻپ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ويب پورٽل موجب 21 اپريل تائين ملڪ جي ڪل آبادي 23 ڪروڙ 54 لک ڄاڻائي وئي هئي، جنهن ۾ 2017 جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ يعني 2 ڪرو 22 لک ڄاڻائي وئي هئي. 21 کان 25 تائين عيد جي موڪل ۾ ڳڻپ معطل رهي ۽ 28 اپريل تي ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ ڪل ملڪي آبادي 23 ڪروڙ 90 لک 17 هزار 494 ڄاڻائي وئي. جنهن ۾ پنجاب 11 ڪروڙ 68 لک 27 هزار 125، سنڌ 5 ڪروڙ 48 لک 58 هزار 550، خيبر پختونخوا 3 ڪروڙ 93 لک 72 هزار 462 ۽ بلوچستان 2 ڪرو 94 هزار 659 ڄاڻائي وئي. جڏهن ته اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي گڏيل آبادي جو سرڪاري طور انگ 78 لک 64 هزار 733 ڄاڻايو ويو. هنن انگن اکرن مطابق آبادي ۾ واڌ جي شرح 1،92 سيڪڙو بڻجي ٿي، جيڪا 15 مئي تائين وڌايل تاريخ تائين ٿورو وڌي ويندي. 1998 ۽ 2017 ۾ آبادي ۾ واڌ جي شيح 2.38 رڪارڊ ٿي هئي.










