پل پل اتساھ بخشيندڙ سماج سيواڪ رفيق احمد سومرو

پل پل اتساھ بخشيندڙ سماج سيواڪ رفيق احمد سومرو

خيال کتري
شل نہ ڪنھن ڪم ۾ سستي ٿي وڃي. پوءِ تہ بس ھمراھ کي آنڌ مانڌ اچي ورائيندي. ڪم ۾ ڇو پئي سستي ٿئي؟ ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ رنڊڪ پئَي پَئِي تہ ڇو پئِي پئَي؟ پنھنجون سڀئي نجون ڪرت ڪاريون ڇڏي، ڪم کي اڪلائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪندي، ڪم کي وڃي پار ڪندو. پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري، ڪم کي اڪلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، اورچ، ليکڪ، ڪمپيئر، بھترين استاد ۽ سماج سيواڪ رفيق احمد سومرو مٽياري تعلقي جي ھڪ مشھور ڳوٺ شھمير جي وسينءَ ۾ تاريخ 20 جون 1970 تي، دودو خان سومرو جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم جي حصول لاءِ کيس ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جتان 5 درجا پاس ڪري، پاڻ انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مٽياري شھر جي مشھور گورنمينٽ (پراونشنلائزڊ) ھاءِ اسڪول مٽياري (جنھن جو ھن وقت نالو گورنمينٽ محمد دائود ميمڻ ھاءِ اسڪول مٽياري آھي) ۾ ڇھين درجي ۾ داخلا ورتي. منھنجي ساڻس ملاقات پڻ اتي ئي ٿي. اسان ميٽرڪ تائين (1980ع) ھم مڪتب ھم ڪلاسي رھياسين.گورنمينٽ ڪاليج مٽياريءَ مان 1989ع ۾ انٽر ۽ بي اي 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي.1989 ۾ کين مسجد اسڪول ٽيڇر طور چونڊي ڀرتي ڪيو ويو. کين ڪجهـ عرصو ٻھراڙين ۾ رکي ترت مٽياري شھر جي مسجد اسڪول حاجي ابراھيم ملاح ۾ بدلي ڪري رکيو ويو. جتي ھن پنھنجي بھترين روش ۽ سھڻي انتظامي ڪارڪردگي ڏيکاري. ان دورن مٽياري ٽائون کي 1994 ۾ تعلقي جو درجو مليو. جنھن ڪري، ڪجهـ کاتن کي ھالا تعلقي کان ٽوڙي، الڳ انتظامي معاملات ھلائڻ لاءِ آفيسون قائم ڪيون ويون. جنھن ضمن ۾ تعليم کاتي جي تعلقہ آفيس، جنھن کي ان وقت ۾ ايس ڊي اي او (سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر) مرداني جون 1994ع ۾ قائم ٿي. ان جو پھريون ايس ڊي اي او (ميل) سائين قاضي لعل محمد صاحب جن کي مقرر ڪيو. تعلقي جي حد وڏي ھئڻ ۽ انتظامي عملي جي گهٽتائيءَ جي ڪري، محترم رفيق احمد سومرو جي سٺي ڪارڪردگي ڏسي، کيس آر. پي (ريسورس پرسن) مقرر ڪيو ويو. پرائمري جا ٻہ سيڪشن ھئا. ھڪ پرائمري ٻيو مسجد. پرائمري اسڪولن جي نگراني سپروائزر ايس پي اي: سپروائزر پرائمري ايجوڪيشن) ڪندا ھئا، تہ مسجد اسڪولن جي نگراني آر پي ڪندا ھئا. جتي پاڻ 5 سال پنھنجون خدمتون بنا ڪنھن اضافي معاوضي جي سرانجام ڏنيون. روز نون قانونن ۽ قاعدن جي لاڳو ٿيڻ جي نتيجي ۾ سپروائزرن ۽ آرپين جون سيٽون بلڪل ئي ختم ڪيون ويون. جنھن ڪري، کين پنھنجي اصل پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. جنھن ڪري پاڻ 2006ع کان اڄ ڏينھن تائين ھيڊ ماسٽر گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميان پوٽا مٽياريءَ ۾ ڊيوٽيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندو اچي. ان دؤران سندن زندگيءَ ۾ دنيا جا ڪيترائي لاھا چاڙھا آيا. پر پاڻ انھن سڀني کي مڙس ماڻهو ٿي منھن ڏنو. ڪڏھن بہ پاڻ ۾ لچڪ اڇڻ نہ ڏنائون. نہ ئي چلولائي ڪري، ھِن ھُن جي در جو سلامي ٿيو. جيڪو بہ مسئلو درپيش ايندو ھون، تنھن کي پنھنجي ھمت سان ئي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو ھو. ھرون ڀرون ڪنھن جو ٿورو کڻڻ کان لنوائيندو ھو. ان دؤران پاڻ پنھنجي کاتي جي تعليمي تربيتي ڪورسن جي حصول لاءِ پڻ ڪوشان رھيو. جنھن ڪري، پاڻ پي ٽي سي (پرائمري ٽيچنگ ڪورس) علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ تہ وري انهيءَ ساڳئي اداري مان 1994ع ۾ پي ٽي او سي (پرائمري ٽيچرس اورنٽيشن ڪورس) ناروي حڪومت جي سھڪار سان ڪئي. ساڳلي اداري مان 2002ع ۾ بي ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪري، پنھنجي ھنري صلاحيتن ۾ واڌارو آندو. پاڻ ننڍپڻ کان وٺي ادبي ذوق رکندڙ شخصيت جا مالڪ رھيا آھن. جنھن ڪري ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو مطالعو سندس زندگيءَ جو حصو رھيو آھي. جنھن جي نتيجي ۾ پاڻ سماج سيواڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ ادبي دنيا ڏانھن متوڪہ ٿيو. ۽ ڪاليجي زندگيءَ کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، جنھن ڪري پاڻ ڪيترائي مضمون، ليک لکي چڪو ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن خاص ڪري سلسليوار دي روز جي مستقل ليکڪن مان رھيو. زندگيءَ جي مختلف حالاتن جي پيش اچڻ سبب پاڻ لکڻ پڙھڻ کان ڪجهـ عرصو منقطع رھي، وري پاڻ کي سماج سيواڪ تنظيم دي روز انٽرنيشنل پاڪستان سان آرگنائزر طور سلهاڙجي، خدمت خلق لاءِ ڪوشان رھندو اچي. ان کان سواءِ پاڻ ھن وقت سنڌو سڀيتا جاڳرتا سٿ سنڌ جو خزانچي، سنڌ رائيٽر فورم ۾ خزانچيسنڌ ادبي سنگت شاخ مٽياري جو ڪائونسلر پڻ آھي. پاڻ ڳچ عرصو ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن) ۾ جيستائين اھا موجود ھئي، ان ۾ رھي استادن جي خدمتن ڪري چڪو آھي. ھن وقت پاڻ پي ٽ الف جو سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪري رھيو آھي. سندس پسندیدہ شخصیات ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ پسندیدہ شعراء ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه، شيخ اياز ، خيال کتري ، قاضي مقصود احمد شامل آھن. پاڻ سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايورڊ پڻ حاصل ڪري چڪو آھي. جن ۾
1. دي روز انٽر نيشنل پاڪستان ضلع مٽياري طرفان بھترين مڃتا استاد جو ۽ سماجي ڪمن تي مليل آھي
2.ڪلياڻ شھيد دولھ درياء خان بھترين مڃتا استاد جو ايوارڊ
3. رياض شاھد آرٽس پروڊڪشن جي طرفان مڃتا ايوارڊ قابل ذڪر آھن.
اميد رکي سگهجي ٿي تہ پاڻ ڏينھون ڏينھن پنھنجي خدمتن جي دائري کي وسعت ڏيندو رھندو ۽ خلق جي خدمت ۾ اڳين کان اڳرو رھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو