حيدرآباد(ن س)جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان قاسم آباد پرنس ٽائون ۾ سندس رھائشگاھ تي پھچي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ حڪمران سنڌ جا وسيلا، درياھ، زمينون ڏيڻ کانپوءِ ھاڻ وحدت خلاف سازشون ڪري رھيا. نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ ٽوڙڻ نہ ڏينداسين. راشد محمود سومرو چيو تہ ملڪ ۾ جمھوريت ناھي. بدامني، لاقانونيت جو راڄ آھي. جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي چيو تہ سنڌ ۾ ميرٽ ناھي. پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني جي ڪري ملڪ سنگين سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. مھانگائي سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران پنهنجي وطن، سنڌو درياھ، زمينن، وسلين، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن۔ راشد محمود سومرو چيو تہ وفاقي حڪومت سنڌ کي نظرانداز ڪري ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ حڪومت ادارن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. روزانو ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا وڃن ٿا. معظم عباسي چيو تہ ھٿ وٺي زرعي معيشت جي تباھ ڪيو ويو آھي. ھٿرادو پاڻي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي.










