پلازه سينيما شڪارپور ۾ يوٽلٽي اسٽور جي پنجين برانچ جو افتتاح

شڪارپور (ن س) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران پلازه سينيما شڪارپور ۾ يوٽلٽي اسٽور جي پنجين برانچ جو افتتاح، مھانگائي سبب عوام يوٽلٽي اسٽورن جي رخ ڪري پيو. تفييل موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر پاران پلازه سينيما شڪارپور ۾ يوٽلٽي اسٽور جي پنجين برانچ جو افتتاح ڪيو ويو . ان موقعي تي ايريا مينيجر يوٽلٽي اسٽور ، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مارڪيٽ م۾ ڏھ ڪلو اٽو ٻارنھن سئو تائين فروخت ٿي رھيو آھي جڏھن ته يوٽلٽي اسٽو ر تي ڇھ سئو کان ست سئو وچ ۾ ملي رھيو آھي. ھن ٻڌايو ته کنڊ ، چانور، مصالحاجات ، تيل ء ٻيون شيون بازار کان ڪافي سستيون آھن ھن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ ھولڊر لاء وڌيڪ سستائي پيڪيج آھي. افتتاح بعد ڊپٺي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ڳالھائيندي چيو ته مھانگائي وڌڻ سبب عوام يوٽلٽي اسٽورن جو رخ ڪيو آھي ء رش وڌي ويئي آھي . ان ڳالھ کي مدنظر رکندي شڪارپور پلازه سينيما تي يوٽلٽي اسٽور جي ھڪ وڌيڪ برانچ کولي آھي . ھن چيو ته بچت بازار ۾ اٽي جا وڌيڪ اسٽال قائم ڪيا آھن . ء ٻين شين جي اسٽالن ۾ پڻ اضافو ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو