پشاور، اسلام آباد کي 70 رنز تان شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي وئي

پشاور، اسلام آباد کي 70 رنز تان شڪست ڏئي فائينل ۾ پهچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پشاور، اسلام آباد کي 18.4 اوورن ۾ 151 تي آل آئوٽ ڪري 70 رنز تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. پنج ڀيرا پشاور جي ٽيم پي ايس اييل جي فائنل ۾ پهتي آهي. حيدرآباد ۽ ملتان مان جيڪو کٽيندو ان سان اسلام آباد جو مقابلو ٿيندو. ٽيبل پوائنٽ تي ٻيو نمبر اچڻ سبب اسلام آباد کي فائنل لاءِ ٻيو چانس ملي پيو. ان کان اڳ 222 جي ٽارگيٽ لاءِ اسلام آباد جي اننگ ڊيون ڪانوي ۽ سمير منهاس شروع ڪئي، ڪانوي 20 رنز ٺاهي بريسويل جي بال تي عبدالصمد هٿان ڪيچ ٿيو، سمير منهاس 23 بالن تي 44 رنز ٺاهي اريرون هارڊي جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب خان 6 رنز ٺاهي هارڊي جي بال تي محمد باط هٿان ڪيچ ٿيو. اسلام آباد 11 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 99 رنز ٺاهيون. صفيان محسن حفيظ کي عبدالصمد هٿان ڪيچ ڪرايو هن 25 رنز ٺاهيون. حيدر علي 8 رن ٺاهي هارڊي جي بال تي صفيان هٿان ڪيچ ٿيو. گهربل رن ريٽ 14 کان مٿي ٿي ويو. صفيان مقيم مارڪ چيپمين کي 8 بالن تي 4 رنز ٺاهڻ بعد خرم شهزاد هٿان ڪيچ ڪرائي اسلام آباد جي ڪيمپ م مايوسي تاري ڪري ڇڏي. ساڳئي اوور ۾ فهيم اشرف 4 بالن تي هڪ رنٺاهي رن آئوٽ ٿيو. 113 تي 7 آئوٽ ٿيا. ڪرس گرين 8 رنز ٺاهي خرم شهزاد جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو. گيم اسلام آباد جي هٿن مان نڪري وئي. عماد وسيم 22 رنز ٺاهيون ته محمد باسط پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيس. ساڳئي اوور ۾ باسط، سلمان مرزا کي ڪيپر حارث هٿان ڪيچ ڪرائي اسلام آباد کي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو. ٿي ويو. ان کان اڳ اسلام آباد ٽاس کٽي پشاور کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پي ايس ايل جو هي پهريون ميچ آهي جنهن ۾ وڏي تعداد م تماشائي گرائونڊ ۾ موجود هئا. بابر اعظم ۽ محمد حارث اننگ شروع ڪئي، حارث ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن بعد 16 بالن تي 35 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي مارڪ چيپمين هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد بابر 38 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد ڪسال مينڊس سندس ساٿ ڏنو ۽ ٽيم جو اسڪور 150 کان پار ڪرايو، مينڊس 26 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن سان 41 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي سمير منهاس هٿان ڪيچ ٿيو. بريسويل 3 بالن تي 2 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي ڪرس گرين هٿان ڪيچ ٿيو. عبدالصمد پهرين بال تي شاداب جي ساڳئي اوور ۾ فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. بابر 57 هين بال تي ڇڪو هڻي سينچري مڪمل ڪئي. 4 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 103 رنز ٺاهي سلمان مرزا جي بال تي محسن رياض هٿان ڪيچ ٿيو. ايرون هارڊي 10 بالن تي 20 رنز ٺاهي رچرڊ گليسن جي بال تي بولڊ ٿي، فرحان يوسف بنا رن ٺاهڻ جي ساڳئي بالر جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. آخري بال تي خرم شهزاد چوڪو هنيو. پشاور 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو