پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن پاران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي نوٽيس موڪلڻ جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي نوٽيس موڪلڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس خورشيد اقبال ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اثاثا ظاهر نه ڪرڻ خلاف نوٽيس موڪليو آهي، اثاثن بابت 120 ڏينهن اندر جواب ڏيڻ لازمي آهي، جيڪو اسان جمع ڪرايو.وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن اڃا تائين مطمئن نه آهي، اثاثا جمع ڪرائڻ جي 120 ڏينهن کانپوءِ به جيڪڏهن اثاثن بابت شڪايتون آهن ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي به نوٽيس جاري نٿو ڪري سگهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اهڙو ڪيس ايبٽ آباد ۾ به التوا ۾ آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهو ڪيس هن ڪيس کان بلڪل مختلف آهي.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس اتي موڪليو وڃي يا ڪيس هتي آندو وڃي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪا به عدالت مناسب سمجهي، توهان کي درخواست آهي ته هن ڪيس کي رد ڪريو، هن ڪيس جو ڪو به بنياد ناهي، اسان اثاثن جي رپورٽ 31 ڊسمبر 2024 تي اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.










