ڪراچي کي پشاور هٿان 159 رنز تان شڪست، مينڊس جي سينچري

ڪراچي کي پشاور هٿان 159 رنز تان شڪست، مينڊس جي سينچري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موجوده پي ايس ايل سيزن ۾ ڪراچي کي پشاور زلمي هٿان پهرين شڪست ملي، ڪراچي جي پوري ٽيم 16.1 اوورن ۾ 87 رنز تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پشاور کين 159 رنز تان تمام وڏي شڪست ڏني آهي. ڪراچي جي بيٽنگ شروع کان مشڪل جو شڪار ٿي وئي. پهرين اوور ۾ افتخار احمد جي بال تي محمد وسيم کي زيرو تي عامر جمال ڪيچ ڪيو، ٻئي اوور جي پهرين بال تي ڊيوڊ وارنر به زيرو تي شرفل اسلام جي بال تي فرحان يوسف کيس خوبصورت انداز م ڪيچ ڪيو. سلمان آغا 5 رنز ٺاهيون ته افتخار کيس ايل بي ڊبليو ڪيو، سعد بيگ 14 رنز ٺاهيون ته ناهيد رانا کيس پنهنجي بال تي ڪيچ ڪيو، معين علي 9 رنز ٺاهي صفيان مقيم جي بال تي عبدالصمد هٿان ڪيچ ٿيو ۽ ڪراچي جي اڌ ٽيم نائين اوور مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي 50 تي آئوٽ ٿي وئي. اعظم خان کي صفيان ليگ سائيڊ کان بال ڪيو جيڪو ٿائي پيڊ تي لڳڻ بعد وڪيٽ ۾ لڳي ۽ هو 27 بالن تي 25 رنز ٺاهي بولد ٿيو. خوشدل 10 رنز ٺاهي ناهيد رانا جي بال تي ڪيپر مينڊ هٿان ڪيچ ٿيو. ناهيد رانا ساڳئي اوور ايڊم زمپا کي زيرو تي بولڊ ڪيو. اڳئين اوور م صفيان يوسف جي بال تي عباس آفريدي به 9 رنز ٺاهي فرحان يوسف هٿان ڪيچ ٿيو۽ 81 رنز تي ڪراچي جا 9 آئوٽ ٿي ويا. امير حمزو کي ڪيپر اسٽمپ ڪيو.  ان کان اڳ پشاور زلمي هلندڙ پي ايس ايل سيزن جو وڏي ۾ وڏو اسڪور 246 رنز ٺاهيون. عبدالصمد 12 بالن تي 40 رنز اسڪور ڪيون. بابر ۽ مينڊس جي 191 رنز جي پارٽنرشپ لڳي. ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پشاور جو اوپنر محمد حارث پهرين اوور ۾ بنا رن ٺاهن جي خوشدل شاهه جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد ڪسال مينڊس ۽ بابراعظم ڪراچي جي بالرن جي ڌلائي شروع ڪئي. مينڊس سينچري مڪمل ڪري 109 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي متبادل هارون ارشد هٿان ڪيچ ٿيو. نوجوان هارون زبردست طريقي سان فلائنگ پوزيشن ۾ ڪيچ پڪڙيو. بابر اعظم به ففٽي مڪمل ڪئي ۽ پر اعتماد انداز ۾دلڪش اسٽروڪ کيڏيا. مائيڪل بريسويل6 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي ڪيپر اعظم خان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عبدالصمد آيو ۽ هن بابر سان ملي ٽيمپو ٽٽڻ نه ڏنو. عباس آفريدي کي 19 هين اوور ۾ 3 لڳاتار ڇڪا لڳا. آخري اوور ۾ 19 رنز ٺهيا عبدالصمد کيس 3 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو ۽ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 246 رنز ٺاهيون. بابر اعظم 51 بالن تي 87 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو