پرڏيهي پاڪستانين جو ووٽ: عمران خان ۽ شيخ رشيد کان جواب طلب

پرڏيهي پاڪستانين جو ووٽ: عمران خان ۽ شيخ رشيد کان جواب طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي حق بابت ڪيس ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي حق بابت قانون ۾ ترميم آئيني طور صحيح ڪيئن ناهي؟ شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جو معاملو روڪي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قدم کڻي ته ڪا به رڪاوٽ ناهي. جسٽس منيب چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جا حق وٺڻ لاءِ ترميم بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ٺاهيو، اوورسيز پاڪستانين جي حق بابت اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 94 واضح آهي، سپريم ڪورٽ 2018ع ۾ سيڪشن 94 کي آئيني قرار ڏنو ويو، 2021ع ۾ قانون کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو، پارليامينٽ 2022ع ۾ ان کي پراڻي سطح تي آندو، سپريم ڪورٽ ان قانون کي ڪيئن غير آئيني قرار ڏئي سگهي ٿي، جنهن کي اڳ آئيني قرار ڏنو ويو هو؟ وڪيل چيو ته نادرا موجب جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن معاهدي تي صحيح ڪري ته هڪ سال ۾ آءِ ووٽنگ سسٽم ٺاهي سگهون ٿا، ان کان اڳ نادرا هڪ سال جو وقت گهريو هو، عدالت جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۾ 6 مهين ۾ سسٽم ٺاهيو ويو. وڪيل عارف چوڌري چيو ته 2017ع ۾ پائلٽ پروجيڪٽ تي ڪو به اعتراض نه اٿاريو ويو، اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين ڪو به پائلٽ پراجيڪٽ ناهي ڪيو.عدالت چيو ته ڌرين جا جواب ملي ويندا ته عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو.جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم سان بنيادي انساني حق متاثر ٿيا؟ پارليامينٽ پنهنجي ٺاهيل قانون ۾ ترميم ڪري رهي آهي ته پوءِ عدالت مداخلت ڇو ڪري؟ عدالتي مشاهدن جي باوجود، پارليامينٽ جو هر قانون هڪ آئيني تصور آهي.جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهان اوورسيز ووٽنگ ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي چيو ته توهان ترميمي درخواست جمع ڪرايو. جسٽس منيب اختر چيو ته بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي بابت داخل درخواست واضح هجڻ گهرجي، ڇا ڪا آئيني شق پارليامينٽ کي قانون کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ کان روڪي ٿي؟ جسٽس منيب اختر وڪيلن کي هدايت ڪئي ته عدالتي سوالن لاءِ تيار ٿي اچن. سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ شيخ رشيد کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن کي به هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي حق بابت پيش رفت پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي حق بابت درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو