پرڏيهي دورن تي نه وڃو، ميمبر اسلام آباد ۾ موجود رهو

پرڏيهي دورن تي نه وڃو، ميمبر اسلام آباد ۾ موجود رهو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسمبلي اپوزيشن ميمبرن کي پرڏيهي دورن ۾ شامل ڪري عدم اعتماد کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي قيادت پنهنجي پنهنجي ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ ۽ پرڏيهي دورن تي نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ پنهنجي ميمبرن کي پرڏيهي دورن تي نه وڃڻ ۽ ملڪ ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي پرڏيهه ويل ٻن ميمبرن کي وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) سڀاڻي چڪ شهزاد ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت ايري پريشان آهي جو مرمت جي نالي قومي اسمبلي هال جو قالين ۽ ڪرسيون به اکاڙي ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو