اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف آئيني درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ 2 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جو لکت وارو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايڪٽ ٺهڻ کانپوءِ داخل نئين آئيني درخواستن تي به نوٽيس جاري ڪيا ويندا آهن، درخواستن ۾ اهم آئيني نقطا اٿاريا ويا آهن.عدالت اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته بل بابت قومي اسيمبلي جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جو رڪارڊ به فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.عدالتي حڪم موجب سپريم ڪورٽ جي عملي ۽ پروسيجر تي پابندي جو حڪم ايندڙ اطلاع تائين برقرار رهندو.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي 8 رڪني بينچ جي اعتراض جو ذڪر نه ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت ڌرين کي 8 مئي تائين جامع جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










