پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي 10 اپريل تي مڱڻي ٿيڻ جو امڪان،دعويٰ

پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي 10 اپريل تي مڱڻي ٿيڻ جو امڪان،دعويٰ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ عام ماڻهو پارٽي جي اڳواڻ ۽ ڀارتي راجيا سڀا جي نوجوان ميمبر راگھو چڌا جي مڱڻي جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا جي راگھو چڌا سان شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي جي مڱڻي جي تاريخ جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي هئي.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي 10 اپريل تي مڱڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، پر اها دعويٰ رڳو افواهون ثابت ٿيون.جڏهن ته هاڻي وري ڀارتي ميڊيا پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي مڱڻي جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پرنيتي ۽ راگھو 13 مئي تي نئين دهلي ۾ هڪ خانگي تقريب ۾ مڱڻي ڪري پنهنجي لاڳاپن جو باضابطا اعلان ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو