ممبئي (ويب ڊيسڪ)مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چڌا جي شادي جي تقريب جون ڪجهه وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. شادي جي تقريب جي هڪ وڊيو جيڪا مختلف سوشل ميڊيا پيجز تي وائرل ٿي چڪي آهي، گهوٽ راگھو چڌا ۽ دلهنيا پرينيتي چوپڙا کي شادي جي تقريب کانپوءِ اسٽيج تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.شادي جي تقريب جي هڪ ٻي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پرينيتي چوپڙا کي مڙس راگھو چڌا جي والدين کي جذباتي گلي ملي رهي آهي










