نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو )ميرپورخاص جي عدالت ۾ هفتو اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڏيپلو واسي جوڙي چيو آهي ته مائٽ پيار جا ويري بڻجي ويا آهن، اسانکي تحفظ ڏنو وڃي. ڏيپلو ويجهو ڳوٺ سجائي واسي نوجوان ثناءﷲ درس ڳوٺ ويڙيجهپ واسڻ ناري ليلا درس سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ لڳا. هنن ٻڌيو ته مائٽن پاران قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون پيون ملن، ڳوٺ ويڙيجهپ واسي الله بخش درس الهورايو درس اقبال درس ۽ ٻيا اسانجي ڪڍ پئجي ويا آهن اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏئي اسانجي همدردن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو چئي رهيا آهن هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته اسانکي ڄاڻايل ماڻهن مان جان جو خطرو آهي جنهن جي ڪري اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










