سوڀوديرو (مظهر نعمت منڱڻيجو) تعلقي ميرو خان جي رھواسڻ سائرا عرف ديا ايري پنھنجي پريمي الياس سوھو ويٺل پنو عاقل سان گمبٽ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. پريمي سائرا عرف ديا پنھنجي مڙس الياس سوھو سان گڏجي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته منھنجا وارث مون کي ھڪ پوڙھي شخص سان پرڻائي رھيا ھيا جيڪا ڳالھ مون کي پسند نه ھئي مون شريعت محمدي موجب عدالت سڳوري جي اجازت سان شادي ڪئي آھي. ھنن چيو ته اسان ايڊووڪيٽ عاشق علي شيخ جي معرفت تحفظ لاءِ سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي آھي عدالت ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ناري جي پيءَ ولي محمدي ايري، اوشاق ايري، سھڻو خان ايري ۽ ٻين کي ست نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي.










