ڪراچي /حيدر آباد /ٻٻرلوءِ/ميهڙ (ن س) پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي بازياب نه ٿيڻ خلاف ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه سميت مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن.پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ واڌو واهه، ڪراچي ۾ ٽي تلوار ۽ ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي تي به احتجاجي ڌرڻا جاري آهن. ٻٻرلوءِ ۾ پريا ايڪشن ڪاميٽي جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو جاري آهي،سکر ۽ خيرپور جا ايس ايس پيز وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا،ايس ايس پيز پاران ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پريا ايڪشن ڪاميٽي جو کتو جواب ڏئي ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته پوليس پهريان به مهلت وٺي چڪي آهي، هاڻ ٻارن جي بازيابي کانسواءِ ٻي ڳالهه نه ٻڌبي،ٻار بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو، عائشه ڌاريجو چيو ته ايس ايس پي خيرپور يا سکر سان ڳالهيون نه ڪنداسين، آءِ جي سنڌ يا ڊي آءِ جي اچي هاڻي ٻارڙا ملڻ کانسواءِ ڌرڻو ختم نه ٿيندو،ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ معطل رهي،ايڪشن ڪميٽي ايس ايس پي سکر اظهر مغل سان ڳالهين کان انڪار ڪري چيو مائيڪ تي سهڻي پارس پاران ايس ايس پي کي چيو ته پريا ۽ ٻيا ٻارڙا کڻي اچو، پوءِ ڳالهيون ٿينديون، جنهن تي ايس ايس پي چيو ته اوهان مائيڪ ڇڏي هيٺ اچو توهان مون سان ملو مان توهان جو انتظار ڪري رهيو آهيان…… ڪراچي ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ سول سوسائٽي جو گم ۽ اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ ٽي تلوار وٽ ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي ۾ شيما ڪرماڻي، جئپال ڇابڙا، عاقب راڄپر ۽ ٻين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مظاهرين چيو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙا به محفوظ ناهن، سندن مائرون روئي رهيون آهن،وارثن کي رڳو دلاسا ڏيڻ بدران پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي……..حيدر آباد ۾ پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان مبينا طور اغوا ٿيل 27 ٻارڙن جي بازيابي لاءِ واڌو واھ گيٽ، باءِ پاس وٽ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، وڪيلن ۽ شهري تنظيمن پاران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ جي آمدرفت به متاثر ٿي ڌرڻي ۾ وڪيل اڳواڻ اسرار چانگ، نذير قريشي، نازش فاطما، شھزادي ڀرڳڙي، ياسمين ٿيٻو، ثمر جتوئي، سھڻي جويو سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري آهي، پر افسوس جو اڃا تائين هڪ به ٻار مڪمل طور بازياب نه ڪرايو ويو آهي. هنن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ به احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته انتظاميا رڳو خاطريون ڪرائي رهي آهي، پر عملي طور ڪا اثرائتي اڳڀرائي نظر نٿي اچي.اڳواڻن حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي سميت سڀني اغوا ٿيل 27 ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪري سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيستائين سمورا ٻارڙا بازياب نٿا ٿين، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو…پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ميهڙ شهر جي سينڌل مهيسر پرائمري اسڪول آڏو اغوا ٿيل اجالا پروين سولنگي جي والد شمس الدين سولنگي .جي ڊي اي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو .پ ٽ الف اڳواڻ عبدالصمد ٻگهيو . عوامي تحريڪ دادو ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار چانڊيو .ميهڙ بار ايسوسيئشن جي اڳواڻن محمد علي ڪانڌڙو .پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ شڪيل عطار سميت سولنگي برادري جي اڳواڻن پاران انڊس ھاء وي تي اٽڪ پيٽرول لڳ ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت نعري بازي ڪئي وئي.ان موقعي تي معصوم نينگري جي والد شمس الدين سولنگي چيوته پوليس 109 ڏينهن کان ڏٽا دلاسا ڏيندي پئي اچي هن چيو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرم متل آھي خوشيون غمن ۾ تبديل ٿي ويون آهن .مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته اجالا پروين سولنگي سميت ٻين معصوم نينگرين جي بازيابي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ان موقعي تي ڊي ايس پي ميهڙ خادم حسين بليدي .ايس ايڇ او بي سيڪشن نديم سولنگي .سي آء اي انچارج سجاد علي شاهاڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي اجالا پروين سولنگي جي والد شمس الدين سولنگي ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته پوليس اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاء سنجيده آھي پوليس نينگري اجالا پروين سولنگي جي بازيابي لاء ڪوششون تيز ڪندي . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جيڪڏھن اجالا پروين سولنگي .پريا ڪماري سميت سمورا اغوا ٿيل ٻارڙا بازياب نه ٿيا ته ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪري انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو، ٻئي پاسي ڪشمور جي ڊيرا موڙ ۽ اُٻاوڙو جي ڪمون شهيد واري هنڌ تي به ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي.پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته 27 ڏينهن گذرڻ باوجود سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا آهن.هنن چيو ته پوليس ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي، پر هاڻي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اڃا تائين ٻار بازياب نه ٿي سگهيا آهن.اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيستائين پريا ڪماري ۽ ٻيا گم ٿيل ٻار بازياب نه ٿيندا، تيستائين ڌرڻا جاري رهندا.










