اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف ريليون

اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف ريليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ مان نياڻي پريا ڪماري سميت معصوم ٻارڙن کي بازياب نه ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي لڳل مبينا ڌاڙي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي شرڪاءَ هٿن ۾ معصوم پريا ڪماري جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سالن کان معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ سنڌ جي ٻين معصوم ٻارڙن کي ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙن جي چنگل مان آزاد ناهي ڪرايو ويو، جيڪو سنڌ حڪومت ۽ پوليس انتظاميا جي ناڪامي جو وڏو ثبوت آهي. هنن چيو ته ايس ايس پي ۽ اعليٰ اختيارين پاران رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن پر عملي طور ڪجهه به ناهي ٿيو، جنهن ڪري سنڌ جي عوام ۾ سخت مايوسي ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي. احتجاجي ريلي دوران اڳواڻن سنڌ جي پاڻي واري بحران تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تباهه ٿي چڪي آهي، ٻارڙا محفوظ ناهن، ته ٻئي طرف سنڌ جي پاڻي تي وڏو ڌاڙو هنيو پيو وڃي. ارسا پاران سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي چولستان ۽ ٻين نون ڪينالن تائين پهچائڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، جيڪي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهن.ريلي جي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪري پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو مڪمل پاڻي ڏنو وڃي. مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مغوي بازياب نه ٿيا ۽ پاڻي تي لڳل ڌاڙو بند نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ۽ سنڌ-پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو