واشنگٽن(شوبزنيوز)بالي ووڊ جي مقبول ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڌيءَ ”مالتي ميري“ جي تصوير شيئر ڪئي. پريانڪا چوپڙا ماءُ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ ڊگهو پيغام لکيو ۽ پنهنجي ڌيءَ مالٽي ماري جي پنهنجي مڙس نڪ جونز سان گڏ هڪ تصوير به شيئر ڪئي.تصوير ۾ پريانڪا پنهنجي ڌيءَ کي سيني سان جهليندي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته هن جي اکين تي اڇي دل جو ايموجي آهي. پريانڪا لکيو ته هوءَ پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ کي گهر وٺي آئي آهي 100 ڏينهن نيونيٽل انٽيسيو ڪيئر يونٽ (NICU) ۾ گذارڻ کانپوءِ. هن آمريڪي اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جو به شڪريو ادا ڪيو ته هن پنهنجي ڌيءَ جو خيال رکيو.










