پرويز الاهي ۽ محمد خان خلاف پنجا ب حڪومت جو درخواستون رد

پرويز الاهي ۽ محمد خان خلاف پنجا ب حڪومت جو درخواستون رد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب حڪومت پاران پي ٽي آئي جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ دائر ڪيل درخواست نمٽائي ڇڏي آهي، جڏهن ته محمد خان ڀٽي جي ضمانت رد ڪرڻ واري اپيل کي رد ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي سماعت چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٿي، جتي پرويز الاهي پاڻ پيش ٿيو. سماعت دوران پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جوابدار 18 ڀيرا مهلت وٺي چڪا آهن ۽ ٽرائل ۾ پيش نٿا ٿين. ٻئي پاسي پرويز الاهي جي وڪيل علي ظفر چيو ته سندس موڪل هڪ سال جيل ۾ رهيو پر اڃا تائين نه فردِ جرم لاڳو ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪي شاهديون پيش ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ حاضري لازمي آهي ۽ قانون جو غلط فائدو وٺڻ نه ڏنو ويندو. عدالت ٽرائل ڪورٽ کي ٻن هفتن اندر ڪيس جي سماعت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو