نئون ديرو(ن س) شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آھي تہ پروفيسر حاڪم علي ابڙو وقتي وائيس چانسلر طور مقرريءَ کان پوءِ ، وائيس چانسلر طور چارج سنڀالي ورتي ، تفصيل موجب پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان جو چئن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ وزيراعليٰ جي حڪم تحت يونيورسٽي بورڊ کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ، جنھن کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو وائيس چانسلر طور چارج سنڀالي ورتي ، سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ فيڪلٽي ، آفيسرن ۽ ملازمن طرفان گلن جي ورکا ڪري مبارڪون ڏنيون ويون ۽ کيس ڀليڪار ڪيو ويو ، ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو چيو تہ ، منھنجا دروازا سڀن لاءِ ھميشه کليل آهن ، مان روزانو جي بنياد تي ملاقات جو ٽائيم رکندم ۽ جائز مسئلا پھرين ترجيح تحت حل ڪندم ، مان يونيورسٽيءَ جي نمائنده سمورن ڌرين کي ساڻ کڻي ھلندم پوءِ اھي استاد ھجن ، آفيسر ھجن ، ملازم ھجن شاگرد ھجن ، ھن وڌيڪ چيو تہ مان جيڪو آھيان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪري آھيان ، چانڊڪا منھنجي مادر علمي آھي ، سو ھاڻي وقت آھي تہ پنھنجي اداري جو قرض ادا ڪريون ، وائيس چانسلر پروفيسر حاڪم ابڙو طرفان جمعي ڏينھن يونيورسٽيءَ جي مک آريجا ڪيمپس ۾ ڪور ڪميٽيءَ سان تعارفي گڏجاڻي پڻ رکي وئي آهي ، جنھن ۾ يونيورسٽيءَ جي بھتر مستقبل بابت لائحہ عمل جوڙيو ويندو ، اھڙو بيان يونيورسٽي جي پريس ترجمان زين عاشق پٺاڻ طرفان جاري ڪيو ويو۔










