نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ(ڳوٺ ھاشم ڦل وٽ نوشھرو فيروز ڪورٽ مان حاضري تان واپس موٽندڙ درياخان مري ڀرسان ڳوٺ حسين بخش وڳڻ جي رھواسين مٿان ھٿيار بندن حملو ڪري ڏنو فائرنگ سبب ڪار سوار استاد عطا محمد وڳڻ صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته اميد علي وڳڻ سخت زخمي ٿي پيو جيڪو پڻ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو واضح رھي ته صدام وڳڻ ۽ اميد علي وڳڻ ڪجھ مھينا اڳ قتل ٿيل بلاول مري جي قتل ڪيس ۾ جيل ۾ ھيا جيل مان ڪجھ ڏينھن اڳ صدام وڳڻ ۽ اميد علي وڳڻ ضمانت تي آزاد ٿيا ھيا.











