پرائمري اسڪول نور حسن ٿيٻو ٻن سالن کان وٺي بند هئڻ خلاف ٻارڙڻ جو احتجاج

پرائمري اسڪول نور حسن ٿيٻو ٻن سالن کان وٺي بند هئڻ خلاف ٻارڙڻ جو احتجاج

ٽنڊوباگو(ن س) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ عبدالستار ٿيٻو ۾ پرائمري اسڪول نور حسن ٿيٻو ٻن سالن کان وٺي بند هئڻ ڪري ڳوٺاڻن ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ معصوم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هٿن ۾ ڪتاب کڻي نور محمد ٿيٻو، الهبچايو، عبدالستار ۽ علي حسن ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺاڻن نور محمد ٿيٻو، زمان، علي حسن ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻن سالن کان وٺي سندن ڳوٺ جو پرائمري اسڪول استاد نه ملڻ ڪري بند پيو آهي. اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول لاءِ پڪي سرن سان ڪمرو ۽ ورانڊو ٺهرايو آهي. ٻن سالن کان وٺي اسڪول بند هجڻ ڪري معصوم شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. تعليم کاتي جي آفيسرن کي بار بار درخواستون ڪرڻ باوجود استاد نٿو ملي. هنن گهر ڪئي ته فوري طور تي اسڪول تي استاد مقرر ڪري 50 کان وڌيڪ شاگردن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو