خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر جي مختلف شاخن ۽ واهن مان پاڻي چوري جي شڪايتن تي آبپاشي عملدار تحرڪ ۾ اچي ويا، بمبلي مائينر تي بااثر ماڻهن پاران لڳايل غيرقانوني لفٽ هٽايون ويون، خبرموجب، خانپورمهر جي مختلف شاخن ۽ واهن ۾ غيرقانوني لفٽ مشينون لڳائي زرعي پاڻي چوري ڪرڻ واري شڪايتن تي آبپاشي عملدار تحرڪ ۾ اچي ويا،ايريگيشن کاتي خانڳڙھ پاران بمبلي مائينر تي بااثر ماڻهن پاران لڳايل غيرقانوني لفٽ مشينن خلاف ايس ڊي او ايريگيشن غلام مرتضي پتافي، سرويئر شبير لانگاھ ۽ داروغو ڪريم بخش ميراڻي جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو ويو، ايريگيشن عملي بمبلي مائينر جي آرڊي زيرو کان 62 تائين ڪيتريون ئي غير قانوني لفٽ مشينون ۽ ماڊول هٽايا ويا، ان سلسلي ۾ ايس ڊي او آبپاشي خانڳڙھ غلام مرتضيٰ پتافي جو چوڻ آهي ته بمبلي مائينر تي غيرقانوني لفٽ مشينون ۽ ماڊول لڳائي پاڻي چوري واري شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي،هن چيو ته ڪنهن بہ بااثر ماڻهو کي غير قانوني طريقي سان پاڻي چوري جي اجازت نہ ڏني ويندي ۽ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي..










