ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون) ايريگيشن سب ڊويزن تلهار جي نصير واهه تي ٻئي ڏينهن به سول جج ٽنڊوباگو جي نگراني ۾ پاڻي چوري ڪندڙ زميندارن خلاف آپريشن جاري رهيو. نصير واهه تي غيرقانوني لفٽ مشينن ۽ غيرقانوني ڪڍيل واٽر ڪورسن کي بند ڪرڻ لاءِ سول جج ٽنڊوباگو دين محمد مگسي جي نگراني ۾ پاڻي چورن خلاف آپريشن ڪيو ويو. نصير واهه تي زمان جمالي، اڪبر جمالي ۽ سلطاني واهه تي احمد کوسو جا غيرقانوني هلندڙ واٽر ڪورس لٽي سيل ڪيا ويا. جڏھن ته نصير واهه کي ٻن هنڌن تي لڳل ڇاٻون پڻ هٽايون ويون آهن.










