پاڻي جي کوٽ، زرعي زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون،جانور مرڻ لڳا

پاڻي جي کوٽ، زرعي زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون،جانور مرڻ لڳا

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار)سِنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، زرعي مَعيشت تباه، اعلي اختيارين کي فوري طور پاڻي کوٽ معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف واهن شاخن ۾ پاڻي جي ڪلت جانور به اڃ مرڻ لڳا سِنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ايڏي ته انتهائي ڀيانڪ شَڪل اختيار ڪري وئي آهي جو سِنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان دانهون اَچي رهيون آهن. ٻَهراڙين ۾ زراعت لاءِ پاڻي ناهي، ۽ جانور بيٺل واھن ڍنڍن جو ڪِنُو پاڻي پِي ويتر بيمارين توڙي اُڃ وگهي مَري رهيا آهن. ان کان علاواھ چوپائي مال سميت ماڻهن جي مرڻ جا واقعا سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ٻهراڙي واري علائقن ڳوٺن ۾ پڻ رپورٽ ٿين پيا ته ساڳئي وَقت ٽنڊو غلام حيدر جي مڙني شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سَخت کوٽ آهي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا ۽ عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪري پَون ٿا، ۽ پَري پَري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀَري اَچن ٿا ٽنڊو غلام حيدر سميت ڪيترن ئي شهرن سميت ٻهراڙين جي ڪافي علائقن ۾ مسجدن مان اعلان ڪيا وڃن ٿا ته ماڻهو گهران وضو ڪري اچن. هِي هاڻي معمول جو قصو ۽ حصو بڻجي ويو آهي ته چوپائي مال کي نلڪن مان پاڻي پياريو وڃي ٿو. اڳ ۾ ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان نظر ايندا هئا، ۽ بدبودار دُٻن مان پاڻي ڀريندا هُئا، پر هاڻي ٽنڊو محمد خان بَدين ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪُجهه اَهڙي ئي صُورتحال آهي. اَهم ڳالهه هِي آهي ته سِنڌ حڪومت چَوي ٿي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سسٽم اندر وڌيڪ پاڻي موجود هو، جيڪو پَنجاب کڻي ويو، ۽ سنڌ کي تمام وڏي کوٽ ڀوڳڻي پئي، جيڪا اَڃا به جاري آهي، ۽ جنهن ۾ اِضافي جا امڪان آهن. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، آبپاشي وزير ڄام خام شورو، ۽ پاڻي بابت پارلياماني ڪميٽي جو سربراهه يوسف ٽالپر اعلانيه طور چئي رَهيا آهن ته پَنجاب پاڻي چوري ڪري رَهيو آهي، جنهن ۾ ارسا ملوث آهي. پاڻي ٺاهه کي لتاڙيو ۽ چيڀاٽيو ويو آهي. پارليامينٽ جي جاچ ڪميٽي پڻ پنهنجي رپورٽ ۾ اُهو انڪشاف ڪيو آهي ته تونسه کان گڊوءَ تائين جيڪو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، اُن مَنجهان 30 کان 35 هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿيو وڃي، اُهو پنجاب چوري ڪري رهيو آهي. سِنڌ جي آبپاشي وزير چيو آهي ته اسان 70 ورهين کان دانهون ڪري رهيا هُئاسين ته پنجاب سِنڌ جو پاڻي کڻي رهيو آهي، پَر ڪير به ٻُڌڻ وارو نه هو، ۽ هاڻي اِها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرايو وڃي، ۽ سِنڌ کي فوري طور تي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بَچائي سَگهجي. قومي اسيمبلي جي پاڻي ڪميٽي جي سَربراهه جو چوڻ آهي ته پنجاب زبردستي پاڻي کڻي وڃي ٿو. زرعي رپورٽ گهرائي وڃي ته سَڀ ڪُجهه وائکو ٿي ويندو. اڪيلو پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته پاڻي کوٽ قُدرتي آهي، ۽ اُهو ماحولياتي تبديلي جو نتيجو آهي. آخري ڀيرو پاڻي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب وڏي تباهي اَچي سَگهي ٿي. اُن موقعي تي پهريون ڀيرو خورشيد شاهه اُهو تسليم ڪيو ته پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي، ۽ سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ کوٽ ڀوڳي رَهي آهي! اَسان چئون ٿا ته هِن سَڄي صُورتحال مان بَخوبي اندازو لڳائي سَگهجي ٿو ته سِنڌ ۾ پاڻي کوٽ هٿرادو ۽ جُڙتو آهي، جنهن جو سَڀ کان وڌيڪ نقصان گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي هارين ۽ آبادگارن کي ٿي رَهيو آهي، ڇو ته اُنهن ٻنهي بئراجن تي تَمام گهڻي کوٽ آهي. گڊو ۽ ڪوٽڙيءَ جي ڀيٽ ۾ سکر بئراج تي وري به ڪُجهه نه ڪُجهه پاڻي موجود آهي، پر اُهو پاڻي به بااثر حُڪومتي وڏيرا، مير، پير، ڀوتار ۽ ڪامورا پي وڃن ٿا، جَن پڻ وڏيون وڏيون زمينون خريد ڪري ورتيون آهن. چوڻ جو مقصد ته پاڻيءَ تي سَڀ کان وڏو ڌاڙو پنجاب هڻي رَهيو آهي، ۽ سنڌ کي جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي مِلي ٿو، اُن تي وري حُڪومتي وڏيرا ۽ ڀوتار هٿ صاف ڪري وڃن ٿا. اَهڙي صُورتحال ۾ سِنڌ جا لکين بي پُهچ هاري ۽ آبادگار پاڻيءَ لاءِ سَخت پريشان آهن- جَن جو جياپو داءَ تي لڳي ويو آهي. صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن سِنڌ کي پنهنجي حق جو پاڻي مِلي ته سَمورين پُڇڙين تائين به پاڻي پُهچي سَگهي ٿو. هِي هِڪ وَڏو مسئلو آهي، جنهن جو ڪير به دلي طور نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ۽ اُن معاملي تي اَهم اتحادي بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا پِڻ خاموش تماشائي بڻيل آهن. اَهڙي صُورتحال ۾ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي پُرزور اپيل ڪريون ٿا ته هُو هِن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. سِنڌ کي پاڻيءَ جي معاملي ۾ ايترو ته تنگ، پريشان ۽ مَجبور ڪيو ويو آهي، جو سِنڌ ٻيو ڪُجهه سوچڻ تي مَجبور آهي. اُن کان اڳ جو سِنڌ بغاوتن تي مَجبور ٿئي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي. اسان جو مُطالبو آهي ته ڇاڪاڻ جو پَنجاب پنهنجي حصي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ پاڻي کڻي چُڪو آهي، تنهن ڪري پَنجاب جا سَمورا ننڍا وڏا ڪئنال بند ڪيا وڃن، ۽ سِنڌ کي تڪڙن بنيادن تي هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو وڃي ته جيئن زراعت به بَچي سَگهي، ۽ زندگي به بَچي سَگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو